خان صاحب ڊاڪٽر

خان صاحب، ڊاڪٽر: پاڪستان جو نامور سياستدان ڊاڪٽر خان صاحب جو اصل نالو خان عبدالجبار خان هو. هن 1882ع ۾ چارسده ويجهو، پختونخوا صوبي جي ڳوٺ اتمانرئيءَ ۾ جنم ورتو. هن جو والد بهرام خان، مقامي زميندار هو. خان عبدالغفار خان، ڊاڪٽر خان صاحب جو ننڍو ڀاءُ هو. ڊاڪٽر خان صاحب (خان عبدالجبار خان) ائڊورڊ مشن هاءِ اسڪول پشاور مان مئٽرڪ ڪئي ۽ ان کان پوءِ گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج بمبئي ۾ ميڊيڪل پڙهڻ ويو. بعد ۾ هن پنهنجي ميڊيڪل تعليم سينٽ ٿامس هاسپيٽل لنڊن مان مڪمل ڪئي. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ دوران هن فرانس ۾ ملازمت ڪئي ۽ بعد ۾ انڊين آرمي جي ميڊيڪل سروس ۾ ڀرتي ٿي مردان جي گائيڊس ريجمينٽ ۾ شامل ٿيو. هن 1921ع ۾، وزيرستان ۾ برٽس انڊين آرميءَ پاران پختونن تي ٿيل آپريشن کان پوءِ ملازمت تان استعيفا ڏئي ڇڏي.
ڊاڪٽر خان 1930ع کان سياست ۾ عملي طرح پير پاتو ۽ پنهنجي علائقي نارٿ ويسٽ فرنٽيئر (N.W.F) ۾ پهرين ڪانگريس وزارت قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. 1935ع ۾ N.W.F صوبي پاران ڪوهاٽ پير شهنشاهه جهنگل خيل سان گڏ سينٽرل ليجسليٽوِ اسيمبلي، دهليءَ جو نمائندو مقرر ٿيو ۽ علائقي جي ترقيءَ ۽ سڌاري لاءِ ڪوششون ورتائين.
1937ع ۾ صوبي ۾ اليڪشن جي اعلان بعد ڊاڪٽر خان صاحب پنهنجي پارٽيءَ جو بنياد وڌو. فرنٽيئر نيشنل ڪانگريس جو الحاق انڊين نيشنل ڪانگريس سان هو، جيڪا 1947ع کان 1954ع تائين صوبائي اسيمبليءَ ۾ اڪيلي وڏي جماعت رهي.
پاڪستان ٺهڻ وقت هي سرحد صوبي جو چيف منسٽر هو. پر هن آزاديءَ جي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي خان عبدالقيوم خان جي حۡڪومت کيس جيل ۾ رکيو. ان وقت هي محمد علي بوگرا جي مرڪزي ڪيبينيٽ ۾ 1954ع ۾ مواصلات جو وزير ٿيو. آڪٽوبر 1955ع ۾ هن کي مغربي پاڪستان جو چيف منسٽر بنايو ويو. ته جيئن صوبن کي ونيونٽ اسڪيم هيٺ ملائڻ ۾ مدد ڪري. ون يونٽ جي قيام ۽ ان جي ’مخفي دستاويز‘ (Secret Document) تيار ڪرڻ ۾ به سندس هٿ هو. ڊاڪٽر خانصاحب ۽ خان عبدالغفار خان سياست جي ميدان ۾ هڪٻئي جا مخالف رهيا. هڪڙو ونيونٽ جو حامي هو ۽ ٻيو ان جو سخت مخالف.
1955ع ۾ مغربي پاڪستان جي وزيراعليٰ هئڻ وقت جيئن ته ڊاڪٽر خان صاحب جو واسطو مسلم ليگ سان نه هو. ان ڪري سندس مقرريءَ تي مسلم ليگي اڳواڻ ناراض ٿيا هئا، ڇو ته هنن ان عهدي تي ڪنهن مسلم ليگيءَ کي ڏسڻ چاهيو پئي. انهيءَ دوران سردار عبدالرب نشتر، مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو ۽ هُن مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ پارٽيءَ کي منظم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن جو لازمي نتيجو اهو نڪرڻو هو، ته مغربي پاڪستان جي وزارت اعليٰ ڊاڪٽر خانصاحب جي هٿن مان نڪري، ڪنهن مسلم ليگي اڳواڻ جي هٿ ۾ هلي وڃي. اها صورتحال، ملڪ جي حاڪمن، گورنر جنرل اسڪندر مرزا، وزيراعظم چوڌري محمد علي ۽ مغربي پاڪستان جي گورنر مشتاق احمد گورماڻيءَ کي قبول نه هئي، ان ڪري هنن پهرين ته اها ڪوشش ڪئي ته ڊاڪٽر خانصاحب مسلم ليگ ۾ شامل ٿي وڃي ۽ سردار عبدالرب نشتر کي صوبي جو گورنر بنائجي. مگر جڏهن اهي ڪوششون ڪامياب نه ٿيون ته انهن راتو رات اسيمبليءَ ۾ هڪ نئين پارٽيءَ جو قيام عمل ۾ آندو، جنهن کي ’ريپبليڪن پارٽي‘ سڏيو ويو. ’ريپبليڪن پارٽي‘، 23 اپريل 1956ع تي قائم ٿي ۽ ان جو ڪنوير ڊاڪٽر خانصاحب کي بنايو ويو ۽ ڌڙا ڌڙ اڳواڻ هن پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ لڳا. جيئن ته ريپبليڪن پارٽي، اسيمبليءَ اندر ئي وجود ۾ آئي هئي، ان ڪري ان ۾ ڪيترا مسلم ليگي اڳواڻ وقت بوقت شامل ٿيندا رهيا. هن مارچ 1957ع ۾ اسيمبليءَ جي صوبائي بجيٽ رد ٿيڻ وقت استعيفا ڏئي ڇڏي. جون 1957ع ۾ ڪوئيٽا واري تڪ مان هي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو.
ڊاڪٽر خان صاحب کي 9 مئي 1958ع تي صبح جو ساڍي اٺين بجي عطا محمد نالي هڪ برطرف تپيدار قاتلانه حملو ڪري، قتل ڪري ڇڏيو. هي واقعو ان وقت پيش آيو، جڏهن ڊاڪٽر خان صاحب، لاهور ۾ پنهنجي پٽ سعد الله خان جي گهر جي پارڪ ۾ ويٺو هو، جتي ڪرنل سيد عابد حسين جهنگ وارو ساڻس ملڻ لاءِ اچڻ وارو هو، جنهن سان سندس فبروري 1959ع ۾ رٿيل عام چونڊن بابت گڏجاڻي رکيل هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.04.23  عيسوي

’ريپبليڪن پارٽي‘، 23 اپريل 1956ع تي قائم ٿي ۽ ان جو ڪنوير ڊاڪٽر خانصاحب کي بنايو ويو .


1958.05.09  عيسوي

ڊاڪٽر خان صاحب کي 9 مئي 1958ع تي صبح جو ساڍي اٺين بجي عطا محمد نالي هڪ برطرف تپيدار قاتلانه حملو ڪري، قتل ڪري ڇڏيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ملا حسن درساڻي
ڄامڙو مريد علي ( راڳي)
راجا پرويز اشرف
انور ڪليم
اڪبر بادشاهه
سيده شهلا رضا
سيد مير علي سنڌي
شادي خان کوسو
آءِ آءِ چندريگر
عالي فقير ڀاڳت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون